بجيٽ جا آفٽر شاڪس، موبائل فونز جي اگهن ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ موبائل فونز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندي ئي اگهه وڌي ويا.
ڪي پيڊ موبائل 500 کان 700 رپيا مهانگي ٿي وئي، جڏهن ته سمارٽ فونز جي اگهن ۾ 7 سئو کان هڪ هزار رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
بجيٽ جي آفٽر شاڪس ۾ ٻين ڪيترين ئي شين سان گڏ موبائل فون سيٽ به مهانگا ٿي ويا.
موبائل فونز جي اگهن ۾ واڌ سان شهري ته پريشان آهن ئي پر دڪاندارن به خدشو ظاهر ڪيو آهي ته موبائل فون مهانگا ٿيڻ سان وڪرو گهٽجي ويندو.

budget2024 mobilephones pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.