پي ٽي آءِ آزاد صحافت کان ڊنل ۽ عوام مان مايوس ٿي چڪي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد صحافت کان ڊنل ۽ عوام مان مايوس آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اقتدار لاءِ غير جهموري حربا اختيار ڪرڻ ۽ سازش ڪرڻ پي ٽي آءِ جي سڃاڻپ آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي خيبرپختونخوا ۾ صحافين خلاف پُرتشدد واقعن ۾ واڌ ناقابلِ برداشت آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته متاثر صحافي پرُتشدد واقعن جو ذميوار ڪي پي جي وڏي وزير ۽ حڪمران پارٽي کي قرار ڏئي رهيا آهن، صحافين تي ڏاڍ صحافت کي دٻائڻ فسطائي ٽولي جو طريقو هوندو آهي، پي ٽي آءِ آزاد صحافت کان ڊنل ۽ عوام مان مايوس آهي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اقتدار خاطر ڪِرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪا حد ناهي، خيبرپختونخوا ۾ صحافين تي ظلمن خلاف پ پ صحافي برداري سان گڏ آهي، پ پ آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، صحافت کي دٻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪي پي ۾ صحافين جي تحفظ ۽ آزادي لاءِ ادارا ۽ سياستدان پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.