بکيو شينهن مالڪ تي حملو ڪندو آهي يا نه؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شينهن پالڻ واري سعودي شهري موجب بک جي باوجود شينهن پنهنجي مالڪ جا وفادار آهن اهو خيال غلط آهي ته بکايل شينهن پنهنجي مالڪ تي حملو ڪري ڏيندو.

شهري حسن الغامدي پنهنجي پالتو شينهن تي هڪ منفرد تجربو ڪيو، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي.

پنهنجي تجربي جي حوالي سان الغامدي چيو ته مان اهو ثابت ڪرڻ چاهيان ٿو ته شينهن پنهنجي مالڪ سان پيار ڪندو آهي، جيتوڻيڪ هو بکيو هجي ته به ان تي حملو نه ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.