سي ايم هائوس آڏو اعلانيل ڌرڻو: پريا ڪماري بازيابي ڪاميٽي پاران شرڪت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي طرفان وزيراعلي سنڌ جي هائوس آڏو پنھنجي پٽ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي اصل قاتلن گرفتاري لاءِ احتجاج جي پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان مڪمل حمايت ۽ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي جي اڳواڻ لياقت جلباڻي، سھڻي پارس، آفاق ڀٽي، سنديا سومرو ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي طرفان اعلانيل ڪراچي ۾ سي ايم هائوس طرف احتجاج ۾ پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي جا ماڻھو ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندا.

ھنن چيوته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي جيستائين احتجاج جاري رکندي تيستائين اسين سندس سان گڏوگڏ ھونداسين، اسين سنڌ جي باشعور ماڻھن ھر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙن کي چونداسين ته ھن احتجاج ۾ شريڪ ٿين جيئن عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا اصل قاتل گرفتار ٿين ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزائون ملن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.