افغانستان ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو ۽ اڳتي به بڻائينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن فوج نه حڪومت جي ضرورت آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ جذبي ۽ شدت سان آپريشن جي ضرورت آهي، هن ڀيري آپريشن انٽيليجنس بنياد تي ڪيو ويندو.
هن چيو اميد هئي ته افغان حڪومت اسان سان سهڪار ڪندي پر افغان طالبان عسڪريت پسندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه آيا، ڇو ته اهي انهن جا اتحادي هئا، آپريشن عزم استحڪام فوج جي نه حڪومت جي ضرورت آهي ۽ حڪومت کي ان جي ذميواري به کڻڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ طالبان جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائيون جاري رکندو، طالبان خلاف سرحد تي ڪارروائيون ڪيون ۽ اڳتي به ڪنداسين، اسان حملا ڪندڙن ڪيڪ پيسٽري تي نه کارائينداسين.

khawajaasif pmln pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.