فنانس بل قومي اسيمبلي مان منظور، اپوزيشن جون تمام ترميمون رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي نئين قرض پروگرام تي عالمي مالياتي فنڊ سان وڌيڪ ڳالهين کان اڳ ايندڙ مالي سال لاءِ ڳرن ٽيڪسن سان ڀرپور بجيٽ منظور ڪري ورتي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل پيش ڪيو جنهن جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏني هئي.
مخالف ڌر بجيٽ کي رد ڪري وڌيڪ مهانگائي جو سبب قرار ڏنو هو.
اڄ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بل جي منظوري جو اعلان ڪيو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن کي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ڊجيٽلائزيشن ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نان فائلرز جي ڪيٽيگري ناهي هوندي، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ضابطي آهي، ڪرنسي گذريل 6 کان 7 مهينن ۾ مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزوز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن. اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن کي برقرار رکنداسين…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.