اڄ دنيا کي پيش ايندڙ چئلينجز سرحدن کان مٿانهان آهن: گهرو وزير

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اڄ دنيا کي پيش ايندڙ چئلينجز سرحدن کان مٿانهان آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خاص اجلاس کي خطاب ڪيو.
هن چيو ته اسان جو گڏيل مشن واضح آهي ته پنهنجي ڪميونٽي جي تحفظ ۽ پنهنجي قوم جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي دنيا ۾ سرحدي تڪرار پيش اچي رهيا آهن، ان صورتحال ۾ اسان جو اتحاد ۽ گڏيل عزم اڳ کان وڌيڪ اهم آهي.
گهرو وزير چيو ته اسان کي طاقت جي استعمال جون ڌميڪون، پرڏيهي مداخلت، اظهار جي آزادي ۾ ڏکيائيون، غربت، اڻ برابري، عالمي ڇڪتاڻ، فوجي اتحاد ۽ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته مدافعتي سفارتڪار جي ڌيان جو مرڪز تڪرارن جي پاڙ کي پٽڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ جنرل اسيمبلي، آءِ سي جي ۽ پيس بلڊنگ ڪيسن اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چي ته پاڪستان کي يو اين پيس ڪيپنگ ۾ پنهنجي جٽادار ڪردار تي فخر آهي جنهن ۾ ان جي 2 لک 30 هزار سپاهين 47 مشن ۾ حصو ورتو آهي، پاڪستان جو عالمي امن لاءِ ايڊوانس نظريو آهي. …

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.