آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ پاڪستان جي خود مختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءَ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي محڪوم رياست ناهي، هڪ آزاد خود مختيار رياست آهي.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ پاڪستان جي خود مختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، علائقائي صورتحال کي ڏسندي آمريڪا جي ٺهراءَ جا سياسي مقصد آهن.
هن چيو ته آمريڪا جي مقبول ۽ جمهوري حڪومتن کي ڪيرائڻ جي تاريخ آهي، اهي جمهوريت تي ڪيئن ٿا ڳالهائي سگهي؟

razarabbani usa pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.