”پي ٽي آءِ باني جي فوج سان رابطو نه رکڻ جي ڳالهه مڃي وڏي غلطي ڪئي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير فواد چوڌري اعتراف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي فوج سان رابطو نه رکڻ جي ڳالهه مڃي وڏي غلطي ڪئي، رابطا هجن ها ته شايد غلط فهميون ايتريون نه وڌن ها.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت جا قد تمام ننڍا آهن، اهي ماڻهو نٿا چاهين ڪو وڏي قد وارو شامل ٿئي.
هن چيو شير افضل مروت کي ته باني سڃاڻي ئي نٿو، جڏهن ته رئوف حسن کي بني گالا جي گارڊن ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو.
سندس چوڻ هو ته گرينڊ ڊائلاگ ڏانهن وڃڻو پوندو، اڪيلي فوج سان ڳالهين جو فائدو ناهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو ٽوئيٽ مان نه ڪيو هو، باني کان ڌار ٿيڻ جي اجازت ورتي هئي.

fawadchaudhry pti imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.