راشد خان جڏهن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل مقابلي ۾ ٽاس کٽي ته سندس ذهن ۾ يقينن ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم سان جڙيل اِهو ” چوڪر ٽيگ “ آيو هوندو جنهن جي بنياد تي پروٽيز کي ڪيئي ڀيرا آءِ سي سي ٽورنامينٽس جي سيمي فائنل ۾ دٻاءُ سبب شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
راشد خان کي پنهنجي ٽيم جي بالنگ تي اعتماد هو ۽ گذريل ميچن ۾ وڏين ٽيمن کي هارائڻ کانپوءِ قسمت تي يقين به ته هو عالمي ڪرڪيٽ ۾ پهريون ڀيرون ڏکڻ آفريڪا هارائي سگهن ٿا.
هو يقينن اِهو سوچي رهيو هو ته گهٽ ٽوٽل جو به دفاع ڪرڻ ناممڪن نه هوندو، پر ميچ جي پِچ ۽ ڏکڻ آفريڪي بالر ڪهڙو طوفان کڙو ڪندا اِهو ته ڪنهن سوچيو به نه هو.
ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
افغانستان جي پوري ٽيم يارهن ڏهائي 5 اوورن ۾ 56 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
ان کان اڳ افغانستان جي بيٽنگ لائن اپ ڏکڻ آفريڪا جي سامهون بيهي نه سگهي، ڪو به بيٽسمين ڏکڻ آفريڪي بالرن کي منهن نه ڏئي سگهيو.
افغانستان جا 3 رانديگر رحمان الله گربز، محمد نبي ۽ نور احمد بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا جڏهن ته عظمت الله عمرزئي کانسواءِ ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو.
ابراهيم زدران 2، گلبدين نايب 9، عظمت الله عمرزئي 10، خيروت 2، ڪريم جنت ۽ ڪپتان راشد خان 8، 8 جڏهن ته نوين الحق ۽ فضل الحق فاروقي 2، 2 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو جينسن ۽ تبريز شمسي 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ڪيگيسو ربادا ۽ اينريچ نورجي 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڏکڻ آفريڪا 57 رنسن جو هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي اٺ ڏهائي پنج اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
رضا هينڊرڪس 29 ۽ ڪپتان ايڊن مارڪرام 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 5 رنسون ٺاهي فضل حق فاروقي جي هٿان آئوٽ ٿيو.
مارڪو جينسن کي شاندار بالنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
سوشل ميڊيا واهپيدار روي شنڪر ايڪس تي لکيو ته ڇا آءِ سي سي ٽيسٽ ميچ پِچ تيار ڪئي آهي؟ سيمي فائنل لاءِ اهڙي قسم جي پِچ تيار ڪرڻ افغانستان سان ڊبل گيم آهي.
شيواني ڪپور ان تنقيد جو جواب هن ريت ڏنو ته بهترين بالنگ جي آڏو وڏا شاٽس کيڏڻ جو جواز نه آهي.
جڏهن ته انگلينڊ جي اڳوني ڪپتان مائيڪل وان تنقيد ڪئي ته افغانستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو جنهن کانپوءِ چار ڪلاڪ سندن فلائيٽ ليٽ هئي ۽ ائين کين پريڪٽس ڪرڻ ۽ نئين ڪنڊيشن ۾ تياري جو وقت نه مليو.
ڀارتي ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي چيو ته سيمي فائنل جذبا افغانستان طرف هئا پر ڏکڻ آفريڪا ثابت ڪري ڏيکاريو ته اِها مارڪرم جي قيادت ۾ ڪيتري خطرناڪ ٽيم آهي ۽ پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهچڻ تي داد جي حقدار آهي.
واضح رهي ته افغانستان گروپ اسٽيج ۾ نيوزيلينڊ ۽ سپر 8 مرحلي ۾ ايونٽ جي خطرناڪ ٽيم آسٽريليا کي هارائي ڇڏيو هو.
ان کانپوءِ افغانستان جي ٽيم ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم تحت بنگلاديش کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم 2009 ۽ 2014 ۾ سيمي فائنل کيڏي هئي پر ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
T20Worldcup2024 SAvsAFG Semifinal1