”تيري بن“ سميت ٽن پاڪستاني ڊرامن کي ترڪش ٻولي ۾ نشر ڪيو ويندو

نجي ٽي وي جو بلاڪ بسٽر،سپر هٽ ۽ رڪارڊ ٽوڙيندڙ ڊراما سيريل ”تيري بن“ هاڻي ترڪش ٻولي ۾ نشر ڪيو ويندو.
مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گردش ڪرڻ وارين خبرن موجب ”تيري بن“ سميت ٽن ٻين ڊرامن کي ترڪش ٻولي ۾ ڊپ ڪرڻ بعد ترڪيا ۾ نشر ڪيو ويندو.
انهي ڊرامي سيريل مرڪزي ڪردارن، آن سڪرين جوڙي اداڪار وهاج علي ۽ يمنيٰ زيدي کي عالمي فنڪار بڻائي ڇڏيو آهي.
سپر هٽ ڊراما سيريل تيري بن جي شاندار ڪاميابي بعد انهي ڊرامي جي سيزن 2 جو به اعلان ڪيو ويو هو، جيڪو تيارين جي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد نشر ڪيو ويندو.
Pakistan Television DramaSeriel

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.