سلمان خان شادي ڇو ناهي ڪئي؟ اداڪار جي پيءُ حقيقت ٻڌائي ڇڏي

بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان جا فينز ان جي شادي نه ڪرڻ جي ڪري فڪر مند رهندا آهن، پر اهي فينز پنهنجي اسٽار جي ايتري ڄمار باوجود شادي نه ڪرڻ جي ڪو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو.
هڪ انٽرويو ۾ سلمان خان چيو هو ته هو شادي تڏهن ڪندو جڏهن هن کي ڪو ملي ويندو ڇو ته هو چاهي ٿو ته اها هن جي پهرين ۽ آخري شادي هجي.
ڀارتي خابرو اداري موجب سلمان خان جي شادي نه ڪرڻ جي سوال تي سندس پيءَ سليم خان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سلمان جلدي لاڳاپا ٺاهي وٺندو آهي پر هنن کي اڳتي هلائڻ ۾ لنوائيندو آهي.
هن جو چوڻ هو ته سلمان خان ڇوڪري ۾ پنهنجي ماءُ جهڙيون خاصيتون ۽ صلاحيتون ڳوليندو آهي، هو ساده مزاج ماڻهو آهي، آساني سان ڪنهن طرف مائل ته ٿيندو آهي پر هن کي شادي جي همٿ ناهي ٿيندي.
سلمان خان چاهي ٿو ته هو جنهن ڇوڪري سان شادي ڪري ته اها مڙس سميت ٻارن لاءِ کاڌي خوراڪ سميت گهر جون سموريون ذميواريون سنڀالي وٺي، پر اڄ جي دور ۾ اهڙي عورت ملڻ آسان ناهي.
Bollywood SalmanKhan Saleemkhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.