اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ نئون ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
ڊي ڪاڪ ٽي ٽوئنٽي عالمي مقابلن ۾ وڪيٽن جي پٺيان سئو شڪار مڪمل ڪندڙ پهريون وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو .
ڊي ڪاڪ اِهو تاريخي ڪارنامو ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٺ مرحلي جي ميچ ۾ ڪيشو مهاراج جي بال تي رائومن پائول جو ڪيچ پڪڙي انجام ڏنو.
ڊي ڪاڪ جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز سئو شڪارن ۾ 82 ڪيچز ۽ 18 اسٽمپنگ شامل آهن، ان فهرست ۾ ٻيو نالو ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه ( ايم ايس ڌوني) جو آهي، جنهن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ مجموعي تي 91 شڪار ڪيا.
QuintonDeKock T20WorldCup2024 SAvsWI