بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها جي مسلمان دوست سا شادي جي اعلان بڳد سنها خاندان جي ڌار ٿيڻ جي خبرن تي شتروگن سنها جو ردعمل سامهون اچي ويو.
ڪجهه ڏينهن پهريان سوناڪشي سنها پنهنجي دوست ظهير اقبال سان شادي جو اعلان ڪيو، ٻئي 23 جون تي ممبئي ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.
شادي جي اعلان بعد ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سوناڪشي جي دوست ظهير سان شادي جي خبر بعد سنها خاندان ۾ اختلاف پيدا ٿيا آهن، سنها خاندان جو ڪو به فرد شادي تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو.
پر شتروگن سنها سمورن افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته هو ڌيءَ جي شادي وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو.
هن چيو ته اها منهنجي ڌيءَ جي زندگي آهي جنهن تي مونکي فخر آهي، مان ان جي شادي ۾ ضرور شرڪت ڪندس.
Shatrogan SonakshiSanha ZaheerIqbal
You might also like