بالي ووڊ جي هدايتڪار انوراگ ڪيشپ انڪشاف ڪيو آهي ته شاهه رخ خان،سلمان خان ۽ عامر خان جون فلمون مهانگيون ناهن هونديون ڇو ته ٽئي معاوضو ناهن وٺندا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب هدايتڪار انوراڪ شرما سدائين فلمن ۾ اداڪارن طرفان وڌيڪ معاوضو وٺڻ واري معاملي خلاف پنهنجي آواز بلند ڪندو رهندو آهي.
تازو هن پنهنجي انٽرويو ۾ بالي ووڊ جي ٽنهي خانز جي تعريف ڪندي چيو ته سندن فلمون مهانگيون ناهن هونديون.
انوراگ شرما جو چوڻ هو ته اسانجي انڊسٽري ۾ سڀ کان وڏا اسٽارز ٽئي خانز آهن، انهن جون فلمون مهانگيون ناهن هونديو، ڇو ته هو پاڻ کي سڀ کان آخر ۾ رکندا آهن.
Salmankhan AamirKhan ShahrukhKhan