مداح سان ڏند چڪ: حارث رئوف جو وضاحتي بيان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ پيش آيل واقعي تي پنهنجو وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.

حارث رئوف سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ايڪس تي پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو ته مون ان معاملي کي سوشل ميڊيا تي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر اها وڊيو سامهون آئي آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته ان معاملي تي ڳالهائڻ ضروري آهي.

حارث چيو ته عوامي شخصيت هجڻ ڪري عوام کان هر قسم جي راءِ وٺڻ لاءِ تيار آهيون، مداح اسان جي حمايت يا تنقيد جو حق رکن ٿا، پر جڏهن منهنجي والدين ۽ خاندان جي ڳالهه ايندي ته مان جواب ڏيڻ ۾ ڪا به دير نه ڪندس.

هن ٻڌايو ته اهو ضروري آهي ته ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جو احترام ڪيو وڃي.
Pakistan HarisRauf Floreda

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.