ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 40 هين مئچ ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز افغانستان کي 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
افغانستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ويسٽ انڊيز پهريان کيڏندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 218 رنسون ٺاهي افغانستان کي 219 رنسن جو هدف ڏنو.
نڪولس پوران 53 بالن تي 98 رنسن جي شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ آخري اوور ۾ رن آئوٽ ٿي ويو.
هدف جو پيڇو ڪندي افغانستان جي ٽيم 114 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ابراهيم زدران 38، عظمت الله 23 ۽ ڪپتان راشد خان 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ويسٽ انڊيز طرفان عبيد مڪ ڪوئي 3 جڏهن ته عقيل حسين ۽ گداڪيش موتي 2،2 شڪار ڪيا.
T20Worldcup2024 Westindies Afghanistan
You might also like