مونکي نٿو لڳي ته پيپلزپارٽي حڪومت جو حصو بڻجندي:فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته مونکي نٿو لڳي ته پيپلزپارٽي حڪومت جو حصو بڻجندي.
فيصل ڪريم ڪنڊي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته عيد تي وزير اعظم سان ملاقات ناهي ٿي، علي امين سان رابطو هاڻي ناممڪن بڻجي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته مخالف ڌر جو ڪم حڪومت تي دٻاءُ رکڻ آهي، باجا وڃائي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪندي ان باوجود به حڪومت بجيٽ منظور ڪري وٺندي.
ڪي پي جي گورنر جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جون حڪومت سان ڳالهيون هلندڙ آهن، ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ته بجيٽ جي منظوري ۾ ساٿ ڏينداسين.
PPP Pakistan Govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.