ڪنڌڪوٽ ۾ ارڙيءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ ارڙيءَ جي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙو ارڙي وگهي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ احمدان بنگوار جي رهواسي معصوم ٻار انور سبزوئي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، نينگر نجي اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن دم ڏنو، معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
فوتي نينگر جي نور حسن سبزوئي دانهيو ته سرڪاري اسپتال ۾ بهتر علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻار کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايوسين، ضلعي انتظاميا کي مسلسل شڪايتن باوجود بارن کي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين ناهي ڪئي وئي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.

kandhkot sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.