دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو شهر جي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا.
ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر جي فيملي ڪوارٽر ۾ رهندڙ سب انسپيڪٽر محمد اشرف پنهور جو پٽ شجاعت علي ۽ سندس دوست عمر پٽ احمد نواز جمالي سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو آندو ويو، جتي علاج جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻنهي نوجوانن کي حيدرآباد نيو ويو.
متاثر ٻارن جي والدين ٻڌايو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٻنهي سڙيل نوجوانن جي علاج لاءِ پوليس اختياريون تڪڙا انتظام ڪن ته جئين سندن حياتيون بچي پون.
dadu sindh pakistan