ميرپورماٿيلو: ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه ڄڻا زخمي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلي ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
گڻگي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار عامر خشڪ ۽ رشيد مھر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو پر اطلاع باوجود پوليس حادثي واري هنڌ نه پھتي، اسان زخمين کي کڻي اسپتال پھچايو آهي.

mirpurmathelo ghotki sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.