آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي سفر تمام ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرز قومي رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر سڪندر بخت مطالبو ڪيو ته اَن فٽ ۽ وڏي عمر وارن رانديگرن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو وڃي.
هن چيو ته سڀ کان اڳ سمورن فارميٽن ۾ ڪپتان تبديل ڪيو وڃي، علائقائي ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪندڙ رانديگرن کي ٽيم ۾ آڻڻو پوندو.
اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ پنهنجي ايڪس تي ٻڪرن جا ايموجيز شيئر ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي لکيو ته ” قرباني جا ٻڪرا حاضر آهن.“
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جو الميو اِهو آهي ته اعليٰ عملدار ڪريڊٽ ته کڻندا آهن پر ذميواري ناهن کڻندا.
اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر به سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ لکيو ته ” ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو سفر پڄاڻي تي پهتو.“
قومي ڪرڪيٽر احمد شهزاد لکيو ته حقدار ٽيمون سپر ايٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، جيڪڏهن اوهان ان تي ڀاڙي ويٺا آهيو ته آئرلينڊ ڪنهن ٽيم کي هارائي ته اوهان ڪواليفاءِ ڪرڻ جا حقدار نه آهيو.
Prev Post
You might also like