گوشت ڪير وڌيڪ کائيندو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوشت انساني صحت لاءِ ضروري آهي، پر ان جو گهڻو استعمال ڪڏهن ڪڏهن نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو.

گوشت پروٽين وٽامن، آئرن ۽ زنڪ جو ذخيرو هوندو آهي.

هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مرد عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گوشت کائيندا آهن.

ماهرن صلاح ڏني آهي ته عورتن کي پڻ گوشت جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي جيئن کين مناسب صحت جا فائدا پهچن پر حد کان گهڻو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.