ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد يوگنڊا کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ٽرينڊاڊ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ يوگنڊا کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽرينڊاڊ جي برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ گروپ سي جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ يوگنڊا خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
نيوزيلينڊ خلاف يوگنڊا جي پوري ٽيم 18.2 اوورن ۾ 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
پهرين اننگز
يوگنڊا جي ڪينيٿ ويسووا 11 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ٽيم جو ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو.
نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 3 وڪيٽون ورتيون، ٽرينٽ بولٽ، مچل سينٽنر ۽ راچن رويندرا 2-2 جڏهن ته لوڪي فرگس هڪ وڪيٽ ورتي.
ٻي اننگز
نيوزيلينڊ يوگنڊا جي 41 رنسن جو هدف 5.2 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
شاندار بالنگ تي ٽم سائوٿي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو
واضح رھي ته گروپ سي مان ميزبان ويسٽ انڊيز ۽ افغانستان جون ٽيمون سپر ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آھن .
#T20WorldCup #NZvsUGA #SuperEight

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.