ورلڊ ڪپ: نيپال تاريخ رقم ڪرڻ کان رھجي ويو، ڏکڻ آفريقا ھڪ رنسن تان فاتح

ڪنگسٽن ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيپال کي 1 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 31 هين ميچ ۾ نيپال ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پهرين اننگز
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ريزا هينڊرڪس 43 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي، ٽرسٽن اسٽبس 27 رنسون، مارڪرم 15 ۽ ڊي ڪاڪ 10 رنسون اسڪور ڪيون.
نيپال طرفان ڪوشل ڀڙتل 4 ۽ دپيندر سنگهه 3 وڪيٽون ورتيون.
ٻي اننگز
نيپال طرفان ڏکڻ آفريڪا جي 116 رنسن جي ھدف جي جواب ۾ اوپنر آصف شيخ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 49 بالن تي 1 ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 42 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
نيپال طرفان انيل شاهه 27 رنسون، ڪوشل ڀڙتل 13 رنسون ۽ سومپال ڪامي 8 رنسون اسڪور ڪيون.
نيپالي بيٽرز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي راند کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو ۽ آخري بال تائين مقابلو ڪيو جتي ان کي ھڪ رنز تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ڏکڻ آفريڪا طرفان تبريز شمسي 19 رنسون ڏئي 4 رانديگرن کي پويلين موڪليو، اينرڪ نوڪيا ۽ ايڊن مارڪرم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
بهترين بالنگ تي تبريز شمسي کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو .

#T20WorldCup #supereight #NEPvsSA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.