ڪراچي:سمنڊ ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪمشنر ڪراچي سمنڊ ۾ تيز هوائن جي خدشن سبب سمنڊ ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري پابند لڳائي ڇڏي آهي.
ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سمنڊ ۾ تيز هوائن سان گڏوگڏ چاڙهه جو امڪان آهي، جنهن سبب وهنجڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پابندي ٻن مهينن لاءِ لڳائي وئي آهي، جيڪا 14 جون کان 13 آگسٽ تائين لاڳو هوندي ۽ انهن ٻن مهينن دوران سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي هوندي.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن خلاف پوليس ڪارروائي ڪندي ۽ پابندي تي هر صورت ۾ عمدرآمد ڪرايو ويندو ته جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿي سگهي.
pakistan karachi seaview

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.