ڀان سيد آباد (رپورٽ: آدم مينگل) ڀان سيد آباد ۾ دعا چوڪ تي اڻڄاتل چور مجيد شيخ جي اليڪٽرڪ جي دڪان جي ڇت ڀڃي لکين رپين جون بيٽريون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.
ٻئي واقعي ۾ ريشم گهٽي ۾ 3 هٿياربند منير احمد سولنگي کان موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا.
بدامني خلاف دڪاندارن مجيد شيخ، سجاد ڪاٺيو، اسلم ڪاٺيو ۽ ٻين احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.
هنن آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته بدامني تي ضابطو آڻي چوري واپس ڪرائي وڃي ۽ شهرين کي تحفظ ڏنو وڃي.