پاڪستان جو بجيٽ آءِ ايم ايف قرض پروگرام لاءِ ڳالهين ۾ مددگار ثابت ٿيندو:موڊيز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي ريٽنگ ايجنسي (موڊيز) چيو آهي ته پاڪستان جو بجيٽ آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام لاءِ ڳالهين ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
موڊيز موجب حڪومت جو اڌ کان گهڻو روينيو وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿيندو، مهانگائي سبب سماجي دٻاءُ ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿو.
ريٽنگ ايجنسي جو چوڻ آهي ته مالي استحڪام لاءِ ٽيڪسن ۾ اضافي ۽ شرح نمو تي انحصار ڪيو ويو آهي، سڌارن تي قائم رهڻ بجيٽ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هوندو،جڏهن ته حڪومت وٽ اليڪٽوريل مينڊيٽ نه هجڻ ڪري سڌارن تي عمل ڪرڻ مشڪل آهي.
روينيو ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٽيڪس ۾ واڌ جي ڪري آهي، توانائي واري شعبي ۾ 1.4 ٽريلين رپيا سبسڊي ظاهر ڪندي آهي ته انهي شعبي ۾ اصلاحات محدود آهن.
Pakistan IMF Modays

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.