ڪراچي(رپورٽر) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مرڪزي آرگنائيزر ماه رنگ بلوچ ايندڙ مهيني جولاءِ ۾ بلوچ قومي اجتماع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بلوچن جي نسل ڪشي،جبري گمشدگين ۽ رياستي ڏاڍ خلاف اڳ کان وڌيڪ مضبوط جدوجهد ڪئي ويندي، رياست آئين ۽ قانون جو احترام ڪندي جمهوري ۽ سياسي جدوجهد کي مڃي انساني حقن جي لتاڙ کي فوري طور تي ختم ڪري. اهڙو اظهار هن ڪالهه بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مرڪزي ڪور ڪميٽي اڳواڻن سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ماهه رنگ بلوچ وڌيڪ چيو ته بلوچ نسل ڪشي خلاف بلوچستان کان اسلام آباد تائين مارچ ۽ ڌرڻي کانپوءِ اسان جي ڪارڪنن، همدردن ۽ تحريڪ جي ساٿين کي مسلسل ڌمڪيون، هراسان، گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن ۽ تشدد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان باوجود به جدوجهد کان پوئتي نه هٽنداسين، هن چيو ته رياست اسان کي مسلسل تنگ ڪري پرتشدد ٿيڻ لاءِ ڀڙڪائي رهي آهي، پر اسان منظم سياسي تنظيم آهيون، ان ڪري اسين پنهنجي تنظيمي ۽ تحريڪ جي مقصدن ۽ اصولن تحت جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ردعمل جي بنياد تي سياست ۽ جدوجهد نه پيا ڪيون، هن چيو ته عالمي سطح تي رياستي ڏاڍ خلاف آواز اٿاري چڪا آهيون، جيڪڏهن اسان جي ڪارڪنن ،ساٿين يا همدردن کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهتو ته ان جي سموري ذميواري رياست تي هوندي، ان ڪري رياست کي گهرجي ته بلوچستان ۾ هر قسم جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي بند ڪري، ماهه رنگ بلوچ چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪمٽي جي مرڪزي ڪور ڪميٽي مرڪزي آرگنائيزنگ باڊي جوڙي آهي، جنهن ۾ هو مرڪزي آرگنائيزر، لالا وهاب بلوچ مرڪزي ڊپٽي آرگنائيزر چونڊيا ويا آهيون، هو تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا ۽ تنظيم سازي به ڪئي ويندي.
MahrangBaloch missingpersons pressconference