واٽس ايپ تي وڏي حملي جو خطرو، ايف آءِ اي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي واٽس ايپ جي واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي ته واٽس ايپ هيڪنگ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، شروعاتي رپورٽ موجب اهڙن واقعن ۾ سائبر ڪرمنل عورتون واٽس ايپ اڪائونٽس کي نشانو بڻائي رهيون آهن.

ترجمان ايف آءِ اي موجب سائبر ڪرمنل عورتون واهپيدارن جي اڪائونٽس تي پهچ حاصل ڪري ذاتي معلومات جهڙوڪ چيٽ، تصويرون ۽ وڊيوز ذريعي انهن جو استحصال ۽ کين بليڪ ميل ڪنديون آهن.

ايف آءِ اي موجب سائبر حملن ۾ بنيادي طور تي عورت واهپيدارن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، انڪري ايف آءِ اي واهپيدارن کي پنهنجي اڪائونٽس کي محفوظ رکڻ جي هدايت ڪئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.