ڪراچي: شاگردياڻي سان جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ پرنسپل گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مبينا طور تي ميٽرڪ جي شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ۽ مزاحمت تي تشدد ڪرڻ جي الزام ۾ پرنسپل کي گرفتار ڪيو ويو.
اورنگي ٽائون جي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ نجي اسڪول جي مالڪ مبينا طور تي پنهنجي آفيس ۾ شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي شاگردياڻي کي تشدد جو نشانو بڻايو.
متاثر شاگردياڻي گهر ڀاتين کي پيش ايندڙ واقعي بابت ٻڌايو ته سندس وارثن طرفان ٿاڻي ۾ تحريري درخواست ڏني وئي ۽ بعد ۾ پوليس ڪيس داخل ڪيو.
شاگردياڻي جي ڀيڻ موجب پرنسپل پهريان کيس واٽس ايپ تي ميسيج موڪليندو رهو هو ۽ هن پهرين جون تي شاگردياڻي کي گهرائي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش دوران تشدد ڪيو.
پوليس معاملي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد نجي اسڪول جي پرنسپل کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
Karachi Principle Arrested

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.