پرڏيهه ۾ پناهه وٺندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزارت پرڏيهه ۾ پناهه وٺندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
گهرو وزير طرفان اهو وڏو فيصلو ملڪي سلامتي ۽ سيڪيورٽي کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي وزارت کي ان سلسلي ۾ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مهسن نقوي جي هدايت تي وفاقي گهرو وزارت ان حوالي سان خط پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي اماڻي ڇڏيو آهي.
وزارت طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا سڀ پاڪستاني جيڪي ڪنهن به بنياد تي ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندا انهن کي پاسپورٽ نه ملندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن پاڪستانين جا پاسپورٽ رد ڪيا ويندا ۽ کين ٻيهر ٺاهي نه ڏنا ويندا.

passport Pakistani asylum UK Canada

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.