رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ فرضي حج ڪمپني هلائڻ تي ٻه پاڪستانين سميت 4 پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو.
سعودي پوليس موجب 4 پرڏيهين کي مڪي پاڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جعلي نسڪ ڪارڊ، دستاويز ۽ حج پرمٽ جاري ڪري رهيا هئا.
مڪي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي قبضي مان مختلف سرڪاري ادارن جون جعلي مهرون ۽ ڪمپيوٽر برآمد ڪيو ويو.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن کي پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪيو ويو.
saudiarabia hajj2024 pakistan