ڪراچي ( رپورٽر) روزاني عوامي آواز ڪراچي جي جهوني رپورٽر ڪالم نگار، ليکڪ ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر، ۽ قديم عمارتن جي فوٽو گرافر ذوالفقار راڄپر جي صحت گذريل مهيني کان وٺي مسلسل خراب ٿي رهي آهي. ڊاڪٽرن موجب ٻن ٽن سالن جي عرصي کان جيري جي مرض ۽ مڪمل مستقل علاج نه هئڻ سبب هاڻي معدي جو به مسئلو پيدا ٿي چڪو آهي.
آچر ڏينهن تي ذوالفقار راڄپر جي پريس ڪلب ۾ ٻه دفعا طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان هو ايمرجنسي علاج ڪرائڻ بعد گھر ۾ علاج هيٺ آهي. کيس معدي جي اها تڪليف مسلسل ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ جيري جي مستقل ۽ مڪمل علاج جي ضرورت آهي.
ذوالفقار راڄپر ماحوليات، سياست، انساني حقن، قبيلائي دهشتگردي، قديم آثارن ۽ عمارتن تي لکيل ليک ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن، ڪهاڻين ۽ ترجمن جا اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن.
ذوالفقار راڄپر چيو ته اهو وڏو الميو آهي ته ليکڪ جا ڪتاب هن جي زندگيءَ ۾ ڇپجي نه ٿا سگهجن.