ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) : عوامي آواز ميڊيا گروپ جي شهيد ٿيل رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي وارثن لاءِ مالي امداد طور هڪ ڪروڙ جو چيڪ نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ محمد بخش گڏاڻي کي ڏنو ويو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيڪ ڏيندي چيو ته اسان ڏکارا آھيون ته سنڌ جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو، اهو افسوسناڪ واقعو آهي ۽ ھي واقعو ان سوچ جي ڪڙي آھي جيڪا صحافت جي آزادي کي دٻائڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته گهوٽڪي پوليس ۽ ڊي آءِ جي سکر جي ڪوششن سان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو بھ ان ڏوھھ جو ڏوھاري ھوندو ان کي بخش نه ڪيو ويندو، ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان ميڊيا کي باخبر رکيو ويندو. اڄ شهيد صحافي جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏئي رهيا آهيون، پئسو ڪنهن جي زندگي جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي، اسان کي شهيد جي گھرڀاتين سان دلي همدردي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي شهيد صحافي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ ڏنو آهي.. هي هڪڙي عظيم مقصد سان سچائي آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جو جيڪو به ذميوار هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ سرڪار طرفان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي گھر ڀاتين لاءِ ھڪ ڪروڙ رُپين جو امدادي چيڪ سندس ڀاءُ محمد بخش گڏاڻي حوالي ڪيو.