موبائل فونز سستا ٿيندا يا مهانگا؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجيٽ کانپوءِ موبائل فونز سستا ٿيندا يا مهانگا؟ ان حوالي سان وڏي خبر اچي وئي.
جيڪڏهن توهان نئين موبائل فون خريدڻ چاهيو ٿا ته هي صحيح وقت آهي، ڇو ته بجيٽ کانپوءِ موبائل فون خريدڻ ڏکيو ٿي ويندو.
ذريعن موجب بجيٽ ۾ موبائل فونز مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي.
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ درآمدي موبائل فونز تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب درآمد موبائل تي ايف اي ڊي جو مجموعي ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته درآمدي لگزري موبائل تي پي ٽي اي ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته درآمدي موبائل تي 25 سيڪڙو تائين جي ايس ٽي به لاڳو آهي، فنانس بل ۾ درآمدي موبائلز تي جي ايس ٽي وڌيڪ وڌائڻ جي تجويز آهي.

budget2024 pakistan pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.