اي سي هلائڻ يا دري کولي سفر ڪرڻ مان بچت ۽ فائدي وارو طريقو ڪهڙو آهي؟

اونهاري ۾ گاڏيون تڪڙيون گرم ٿي وينديون آهن پر پوءِ به سفر دوران اوهان کي ايئر ڪنڊيشنر ( اي سي ) جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
جي ها واقعي گرمين ۾ گاڏي ۾ سفر ڪرڻ مشڪل محسوس ٿيندو آهي، ٿي سگهي ٿو گرمي سبب پريشان ٿي اوهان گاڏي جي اي سي کي وڌ کان وڌ استعمال ڪريو.
پر جيڪڏهن اوهان ٻارڻ ۽ پئسا بچائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان کي اي سي آن ڪرڻ جي خيال تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
هونئن ته ان حوالي سان گهڻو بحث ڪيو ويندو آهي ته گاڏي کي ٿڌو رکڻ لاءِ اي سي بهتر هوندي آهي يا دري کولي سفر ڪرڻ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻنهي سان ٻارڻ وڌيڪ سڙندو آهي، سوال اِهو آهي ته ڪهڙو طريقيڪار وڌيڪ ٻارڻ ساڙي ٿو؟
ان سوال جو جواب ڄاڻڻ لاءِ Society of Automotive Engineers هڪ تحقيق ڪئي جنهن ۾ ٻنهي طريقن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي.
ماهرن طرفان نوٽ ڪيو ويو ته اي سي هلائڻ سان ٻارڻ جي بچت ٿيندي آهي يا دري کولڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.
ان مقصد لاءِ ٽيهه سيني گريڊ گرمي پد ۾ مختلف گاڏين کي 31 ميل في ڪلاڪ، 50 ميل في ڪلاڪ ۽ 68 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلايو ويو.
حاصل ٿيل نتيجن موجب، اي سي جي ڀيٽ ۾ شيشو هيٺ ڪري سفر ڪرڻ سان ٻارڻ جي وڌيڪ بچت ٿيندي آهي.
تحقيق ۾ گاڏي کي اي سي کانسواءِ شيشو بند ڪري به هلايو ويو ۽ نوٽ ڪيو ويو ته ان سان ٻين ٻنهي طريقن جي ڀيٽ ۾ ٻارڻ جي وڌيڪ بچت ٿيندي آهي پر گرميءَ جو احساس پڻ وڌي ويندو آهي.
جيڪڏهن اوهان به گرمين ۾ ڊرائيونگ دوران گرمي جي شدت کان بچڻ چاهيو ٿا ته دري کولي سفر ڪرڻ بهتر خيال آهي.
ها پر موسم تمام گهڻي گرم نه هجي ته پوءِ اي سي جو استعمال ڪريو ڇو ته ان وقت ٻارڻ ايترو خرچ ٿيندو جيترو دري کولي سفر ڪرڻ سان ٿيندو آهي.

Car AirConditioner Heatwave

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.