يوٽيوب ويب ورزن ڊيزائن ۾ وڏي ڦيرڦار جو فيصلو

دنيا جي مشهور ترين وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب جي ويب ورزن جي ڊيزائن کي تبديل ڪيو پيو وڃي.
جيڪڏهن اوهان ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ تي يوٽيوب استعمال ڪرڻ جا عادي آهيو ته تمام جلد ان ۾ نمايان تبديلي محسوس ڪندئو.
گوگل جي ملڪيت وڊيو شيئرنگ سروس جي ويب ورزن کي ري ڊيزائن ڪيو پيو وڃي.
حقيقت ۾ يوٽيوب طرفان نئين ڊيزائن کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي.
فلحال اِها نئين ڊيزائن هاڻ يوٽيوب پريميئم جي محدود واهپيدارن کي دستياب آهي.
نئين ڊيزائن جي آزمائش اپريل 2024 ۾ شروع ٿي هئي ۽ واهپيدارن طرفان مثبت ۽ منفي ردعمل سامهون اچڻ کانپوءِ ڪمپني طرفان ان ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
نئين يوزر انٽر فيس ۾ وڊيو ڏسڻ جي تجربي ۽ مواد جي ڳولا کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
فلحال ڊيزائن بابت مڪمل تفصيل سامهون ناهن آيا پر وڊيو ٽائٽل، اَپ لوڊر، انفارميشن، ڪمنٽس، ۽ ريڪومينڊڊ جهڙن شعبن کي تبديل ڪيو پيو وڃي.
ظاهر طور هيءَ ڊيزائن گهڻي حد تائين يوٽيوب جي ٽي وي ايپ سان ملندڙ جلندڙ محسوس ٿئي ٿي.

youtube web version

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.