پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول حتمي منظوري لاءِ آءِ سي سي کي موڪليو ويو آهي.
آءِ سي سي ڏانهن موڪليل شيڊيول موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون 19 فيبروري کان نوَ مارچ تائين ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٿينديون.
شيڊيول تحت ڀارتي ٽيم پنهنجون سموريون ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏندي، ٽورنامينٽ ۾ فائل سميت ست ميچون لاهور ۾ ٿينديون.
پي سي بي طرفان آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جو نيشنل اسٽيڊيم افتتاحي ميچ ۽ هڪ سيمي فائنل جي ميزباني ڪندو، ڪراچي ۾ مجموعي طور تي ٽي ميچون ٿينديون، راولپنڊي هڪ سيمي فائنل سميت پنج ميچون جي ميزباني ڪندو جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ فائنل ۾ سميت ڪُل 15 ميچون ٿينديون.
PCB CT2025 Pakistancricketteam IndvsPak