ٽي وي ۽ ريڊيو جي سينيئر نيوز ڪاسٽر تسڪين ظفر لاڏاڻو ڪري وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي نيوز ڪاسٽر تسڪين ظفر مختصر علالت بعد اڄ راولپنڊي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
1957 ۾ راولپنڊي ۾ پيدا ٿيندڙ تسڪين ظفر ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين نشرياتي ادارن سان سلهاڙيل رهي.
هوءَ 1980 ۾ انائونسر طور ريڊيو پاڪستان سان جڙي، هن ريڊيو پاڪستان حالات حاظرا جي چئنل تي پروگرامن جي ميزباني به ڪئي.
تسڪين ظفر پاڪستان ٽيلي ويزن سان به سلهاڙيل رهي، جتي هن موسيقي جي ڪيترن ئي پروگرامن جي ميزباني ڪئي، کيس شاندار خدمتن تي گذريل سال صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو هو.
تسڪين ظفر جي جنازي نماز راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس مٽن مائٽن، صحافين ۽ سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

taskeenzafar rawalpindi islamabad

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.