نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي نئين چونڊيل وزيراعظم نريندر مودي مسلسل ٽيون ڀيرو وزارت عظميٰ جو حلف کڻي ورتو.
ڀارت جي صدر دروپدي مرمو، نريندر مودي کان عهدي جو حلف ورتو، حلف برداري تقريب راسٽراپتي ڀون (ڀارتي ايوان صدر) ۾ ٿي، جنهن ۾ نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر ۽ مهمان شريڪ هئا.
تقريب ۾ بنگلاديش، سريلنڪا، مالديپ، ماريشس سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
نريندر مودي جواهر لعل نهرو کانپوءِ ٽيون ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليندڙ ٻيو ڀارتي وزيراعظم آهي.
narendramodi india newdelhi