زرتاج گل قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر نامزد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل زرتاج گل کي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني عمران خان قومي اسيمبلي ۾ صاحبزادا محبوب سلطان جي جاءِ تي زرتاج گل کي پارلياماني ليڊر نامزد ڪيو، جڏهن ته زين قريشي ۽ احمد چٺا کي ڊپٽي پارلياماني ليڊر نامزد ڪيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر به زرتاج گل کي پارلياماني ليڊر نامزد ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته مون کي ان فيصلي جو اطلاع مليو آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه احمد رضا سومر ڏينهن قومي اسيمبلي اسپيڪر کي نئين نامزدگين بابت آگاهه ڪندو.

zartajgul pti imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.