مون کي چونڊون نظر اچي رهيون آهن، عوام تياري ڪري: عمر ايوب

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ڪيس ڀوڳينداسين پر پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽنداسين.
گوجرانوالا جي سيشن ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کان وڌيڪ زهريلا پڪي جا ڌاڙيل آهن، 450 ارب کائي وڃو ۽ چئو پڇا ڳاڇا به نه ٿئي.
هن چيو ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ شاهه محمود سميت سڀني کي آزاد ڪيو وڃي، اسان ڪيس ڀوڳينداسين پر پنهنجي موقف تائين پوئتي نه هٽنداسين.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ڇا پيش ڪندئو، جيڪا مهانگائي اچي رهي آهي توهان سوچي به نٿا سگهو، مون کي چونڊون نظر اچي رهيون آهن، عوام تياري ڪري.

umarayub pti imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.