ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ کي تاريخي شڪست، افغانستان جي فتح اَپ سيٽ ناهي: سوشل ميڊيا

پرويڊنس ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٻيو اَپ سيٽ، افغانستان نيوزيلينڊ کي ھارائي ڇڏيو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 14 ھين ميچ ۾ افغانستان نيوزيلينڊ کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي حاصل ورتي آھي.
افغانستان جي 160 رنز جي ھدف جي جواب ۾ تجربيڪار نيوزيلينڊ جي ٽيم 75 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
افغانستان جي ڪپتان راشد خان ۽ فضل الحق فاروقي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4، 4 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏھن ته محمد نبي جي حصي ۾ 2 وڪيٽون آيون.
ان کان اڳ گيانا جي پرويڊنس اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
افغانستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون.
اوپنر رحمان الله گرباز ۽ ابراهيم زدران ميگا ايونٽ ۾ مسلسل ٻي ميچ ۾ سئو کان رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي .
گرباز 80 رنسن جي ٽاپ ڪلاس اننگز کيڏي جڏھن ته ابراهيم زدران 44 ۽ عظمت الله عمر زئي 22 رنسون ٺاهي نمايان رھيو.
نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ۽ ميٽ ھينري ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
شاندار بيٽنگ تي رحمان الله گرباز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
ميچ کان پوءِ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان چو ته اڄوڪي فتح ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اسان جي ٽيم ڪنهن به وڏي ٽيم خلاف سڀ کان سٺي ڪارڪردگي منجهان هڪ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هار کٽ سان گهڻو فرق ناهي پوندو، پر ان سان فرق پوندو آهي ته اسان ڪيتري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جي ٽيم ۾ جيڪا توانائي آهي اِهو ڏسي خوشي محسوس ٿئي ٿي.
واضح رهي ته انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ افغانستان ڏهين ۽ نيوزيلينڊ پنجين نمبر تي موجود آهي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ نيوزيلينڊ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي مارجن تان ڪا ميچ هارائي آهي.
افغانستان جي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ پهرين فتح آهي، جڏهن ته ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدار ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته افغانستان جي ان ڪاميابي تي اَپ سيٽ قرار نٿو ڏئي سگهجي.
هڪ سوشل ميڊيا صارف افعانستان جي ڪاميابي تي تبصرو ڪندي لکيو ته جيڪي ماڻهو افغانستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ کي اَپ سيٽ قرار ڏئي رهيا آهن اِها اڃا تائين 2018ع ۾ جي رهيا آهن.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽ وسيم جعفر به افغانستان جي ڪارڪردگي مان متاثر نظر آيو، هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو ته افغان اوپننگ بيٽرن سئو کان وڌيڪ رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي، فضل حق فاورقي نيوزيلينڊ جو ٽاپ آرڊر ۽ راشد خان مڊل آرڊر برباد ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته ظاهري طور ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته نيوزيلينڊ جا ڪرڪيٽر ميچ لاءِ تيار ئي نه هئا جنهن جي کين ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي.
افغانستان جي ڪاميابي ۾ راشد خان ۽ فضل حق فاروقي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن سندن واکاڻ ڪندي نظر آيا.
باسط نالي واهپيدار راشد بابت لکيو ته اهڙي نموني هڪ ليگ اسپنر اننگز جي وچ دوران وڪيٽون وٺندو آهي، راشد خان هڪ چيمپيئن آهي.
نيوزيلينڊ جي ٽاپ آرڊر جا هوش اُڏائيندڙ فضل حق فاروقي کي سندس ڪارڪردگي تي افغانستان لاءِ گيم چيئنچر قرار ڏنو پيو وڃي.
هن يوگنڊا خلاف پهرين ميچ ۾ به پنج وڪيٽون حاصل ڪيون هيون، هو نوَ وڪيٽن سان هنيئر تائين ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر بڻجي ويو آهي.
نيوزيلينڊ خلاف فتح کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ گروپ سي ۾ افغانستان چئن پوائنٽن سان پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
نيوزيلينڊ ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ٻي ميچ ويسٽ انڊيز خلاف 13 جون تي کيڏندو جڏهن ته افغانستان جي ٽيم 14 جون تي پاپوا نيوگيني سان مهاڏو اٽڪائيندي.

 

#icct20worldcup2024 #AfgvsNZ #cricket

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.