هڪ نئين سروي ۾ پاڪستانين جي ننڊ جي بابت انڪشاف سامهون آيا آهن.
گيلپ پاڪستانين کان ننڊ جي حوالي سان سروي ڪئي آهي، جنهن جي نتيجن موجب پاڪستاني ننڊ ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي نڪري ويا آهن.
سروي ۾ شامل 85 سيڪڙو پاڪستانين پنهنجي ننڊ کي بهترين چيو جڏهن ته 15 سيڪڙو ماڻهن ننڊ نه اچڻ جي شڪايت ڪندي چيو آهي ته سندن ننڊ حرام آهي ۽ کين گهڻو ننڊ نه ايندي آهي.
ننڊ ڪرڻ ۾ پاڪستان عالمي سطح تي حاصل ڪيل راءِ ۾ سڀ کان اڳتي نظر آيا، ڇو ته عالمي سطح تي 68 سيڪڙو ماڻهن ئي پنهنجي ننڊ کي بهتر چيو، جڏهن ته 31 سيڪڙو ماڻهن ننڊ کي خراب قرار ڏنو.
Next Post
You might also like