سوشل ميڊيا تي پنهنجي بي سُرن گانن سبب مشهوري ماڻيندڙ پاڻمرادو راڳي چاهت فتح علي خان جي وائرل گيت ” اک لڙي بدوبدي “ کي يوٽيوب انتظاميا پاران ڊليٽ ڪيو ويو آهي.
چاهت فتح علي هڪ مهينو اڳ پنهنجي آفيشل يوٽيوب چئنل تي پنهنجو گانو ” اک لڙي بدوبدي “ اپلوڊ ڪيو هو جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي پاڪستان سميت ڀارت ۾ پڻ وائرل ٿي ويو پر هاڻ اِهو گيت گلوڪار جي چئنل تان ڊليٽ ٿي ويو آهي.
ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ مختلف ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يوٽيوب طرفان ڪاپي رائيٽ قانون جي ڀڃڪڙي سبب چاهت فتح علي خان جو گانو ڊليٽ ڪيو ويو آهي.
يوٽيوب تان ڊليٽ ٿيڻ تائين چاهت فتح علي خان جي ان گيت کي 27 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا هئا، سندس گيت ڪيئي ڏينهن تائين مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ٽِڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي ٽرينڊ ڪندو رهيو.
يوٽيوب طرفان ڊليٽ ڪيل گيت تي ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن شڪر ادا ڪيو ۽ چيو ته هو ان گيت مان تنگ ٿي چڪا هئا، سٺو ٿيو ته يوٽيوب انتظاميا اِهو گانو ڊليٽ ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن چيو ته چاهت فتح علي خان جي شهرت کي نظر لڳي وئي آهي.
واهپيدارن شڪايت ڪندي چيو ته يوٽيوب اڄ تائين اِهي سڀ گيت ڊليٽ ناهن ڪيا جيڪي بنا اجازت جي چورائي بالي ووڊ فلمن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته چاهت فتح علي خان کان اڳ ملڪه ترنم نورجهان ستر جي ڏهاڪي ۾ ٺهيل فلم ” بنارسي ٺڳ“ لاءِ گيت ” اک لڙي بدوبدي “ ڳايو هو.
ChahatFatehAliKhan NoorJahan Bollywood Youtube