گوگل ڪروم جي موبائيل واهپيدارن لاءِ هڪ نمايان تبديلي ڪري ڇڏي آهي.
ڪمپني طرفان ڪروم لاءِ منيمائزڊ ڪاسٽيوڊم ٽيبز نالي فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان فيچر سان گوگل ڪروم ۾ ويب پيجز لاءِ پڪچر ان پڪچر سپورٽ جو اضافو هوندو.
اهڙي ريت واهپيدارن لاءِ ڪنهن به ايپ ۽ ان جي ويب مواد وچ ۾ سوئچ ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو.
جڏهن هڪ ايپ جيئن جي ميل تي ڪنهن به ويب لنڪ تي ڪلڪ ڪيو ويندو ته اهو ويب پيج پڪچر ان پڪچر موڊ ۾ اوپن ٿي ويندو ۽ ايپ جي مواد جي مٿان ننڍي ونڊو ۾ نظر ايندو.
ان کي برائوزر يا ويو اوپن ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي ۽ ڪاسٽيوم ٽيبز ذريعي برائوزنگ ڪندي به ايپ ۾ موجود رهي سگهبو.
اهو فيچر اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جو اطلاق باءِ ڊفالٽ هوندو يعني واهپيدار کي پاڻ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي.
Prev Post
Next Post
You might also like