آءِ فون 16 سيريز ۾ خاص ڇا هوندو؟

ايپل جي نئين آءِ فون ڪجهه مهينن ۾متعارف ڪرائي ويندي ۽ اها ڪمپني نون ڊيوائيسز جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ پسند ناهي ڪندي.
پر آءِ فون سيريز جي باري ۾ مسلسل ليڪس سامهون اچي رهيا آهن، جن ذريعي ڪافي حد تائين اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آءِ فون جي ايندڙ سيريز ڪيئن هوندي؟
ليڪس جي تفصيلن کي تصديق شدا ته نٿو چئي سگهجي پر هر سال اهڙي طرح جي رپورٽس درست ثابت ٿينديون آهن.
هڪ ليڪس موجب ايپل طرفان آءِ فون جي 16 ماڊلز لاءِ نئين اسڪرين ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو، جنهن سان ڪنارن جي پٽي ۽ بيزل کي گهٽ رکڻ ۾ مدد ملندي.
ايپل طرفان گهڻو ڪري ماڊلز ڊسپلي کي اپ گريڊ ڪري بعد ۾ سستي ماڊلز تي ڪم ڪيو ويندو آهي.
2020ع ۾ آءِ فون پرو ماڊلز جي اسڪرين سائيز ۾ ڪا به تبديلي نه آندي وئي.
آءِ فون 12 پرو ۾ 6.1 انچ جڏهن ته 12 پرو ميڪس ۾ 6.7 انچ ڊسپلي ڏنو ويو هو، پر آءِ فون 16 پرو ماڊلز ۾ ان حوالي سان تبديلي آندي پئي وڃي.
ليڪس موجب آءِ فون 16 پرو جو ڊسپلي 6.3 انچ جڏهن ته 16 پرو ميڪس جو ڊسپلي 6.9 انچ جو هوندو.
ان مقابلي ۾ آءِ فون 16 ۽ 16 پلس جو ڊسپلي سائز گذريل سال جي ماڊلز جيترو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.