اڄڪلهه نيڪي ڪري ٻين کي ٻڌائڻ ضروري آهي: صبا فيصل

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارا صبا فيصل پنهنجي ڌيءَ سعديا فيصل جي حمايت ڪندي چيو ته اڄڪلهه نيڪي ڪري ٻين کي ٻڌائڻ ضروري آهي.
ڪجهه ڏينهن پهريان سعديا فيصل انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي.
وڊيو ۾ هن ٻڌايو هو ته گرمي وڌڻ سبب هن پنهنجي ملازم لاءِ ڪچن ۾ ايئر ڪولر رکرايو آهي.
اهو وڊيو شيئر ڪرڻ بعد سعديا فيصل کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
واهپيدارن جو چوڻ هو ته نيڪي جو عمل ڪرڻ بعد ان کي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
اداڪارا تي سوشل ميڊيا جي واهپيدارن طرفان تنقيد بعد صبا فيصل به پنهنجي ڌيءَ جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي.
هن پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته اڄڪلهه نيڪي ڪري ٻڌائڻ ضروري آهي ته ٻين کي به احساس ٿي سگهي.

SabaFaisal SadiaFaisal Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.