منوج باجپائي سپر اسٽار شاهه رخ خان سان سٺي دوستي آهي پر اڄ ٻنهي دوستن جا رستا الڳ آهن ان باوجود به انهن جي دوستي برقرار آهي.
منوج باجپائي ماضيءَ جي خوشگوار لمحن کي ياد ڪندي هن انٽريو ۾ چيو ته شاهه رخ خان ۽ مون وٽ سگريٽ وٺڻ جيترا پئسا به نه هئا. اسان اصل ۾ ٿيٽر اندر گروپ سان گڏجي سگريٽ پيئندا هئاسين، پر اوهان ڪڏهن به اتي اڪيلا سگريٽ نٿا پي سگهو ڇو ته اتي ڪو نه ڪو ڪمپني ڏيڻ لاءِ موجود هوندو هو، جيڪڏهن وٽ هڪ سگريٽ آهي ته ان کي چئني ڄڻن سان شيئر ڪرڻو پوندو هو.
هن جو شاهه رخ جي تعريف ڪندي چوڻ هو ته اڄ ڪو به شاهه رخ جي اسٽارڊم سان مقابلو نٿو ڪري سگهي ۽ هاڻي شاهه رخ جي زندگي اسان کان گهڻو مختلف آهي.
ياد رهي ته منوج جي آخري فلم ”بهيا جي“ مئي 2024ع ۾ رليز ٿي هئي.
ManojPajpai ShahrukhKhan India